اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ مصدق ملڪ چيو آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر آئيني طور تي صدر جي ڏنل تاريخ موجب چونڊون ڪرائڻ جو پابند آهي. نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي مصدق ملڪ چيو ته صدر عارف علوي 90 ڏينهن ۾ چونڊ تاريخ ڏيڻ جو اختيار رکي ٿو. صدر عارف علوي چيف اليڪشن ڪمشنر سان مشاورت کان پوءِ چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪندو. ان کان پوءِ چونڊون ڪرائڻ حڪومت جو ڪم آهي، چيف اليڪشن ڪمشنر آئيني طور تي صدر جي ڏنل تاريخ موجب چونڊون ڪرائڻ جو پابند آهي. اليڪشن ڪميشن وسيلا وڌائي تڪ بنديون 90 ڏينهن جي اندر ڪري وٺي. مصدق ملڪ چيو ته پي ٽي آءِ سڄي دنيا ۾ پاڪستان کي بدنام ڪري رهي آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ هر پرڏيهي سفير جي سامهون پاڪستان جي خلاف ڳالهيون ڪري رهيا آهن. مزو تڏهن اچي جڏهن پي ٽي آءِ وارا سامهون اچي ڳالهائين.هن وڌيڪ چيو ته نگران حڪومت تي ڪوبه سياسي دٻاءُ نه آهي. اهي وڏو فيصلو ڪري سگهن ٿا. نگران حڪومت کي ايندڙ 15 ڏينهن ۾ گيس جون قيمتون هڪ جيتريون ڪرڻ گهرجن. اهڙي طرح گيس جي شعبي ۾ گردشي قرض جو بار ختم ڪري سگهجي ٿو.










