اسلام آباد (بيورو رپورٽ)استحڪام پاڪستان پارٽي جي سربراهه جهانگير ترين جڙانوالا جو دورو ڪيو.جهانگير ترين اسحاق نگري چرچ جي بحالي واري ڪم جو جائزو ورتو. ان موقعي تي ڳالهائيندي جهانگير ترين چيو ته کيس جڙانوالا سانحي تي تمام گهڻو افسوس ٿيو آهي، ڪميونٽي سينٽر ٺاهڻ لاءِ قدم کڻنداسين.هن چيو ته پنجاب حڪومت جو ڪم تمام سٺو آهي.










