اسلام آباد(بيورو رپورٽ)آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم اڄ چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا سان ملاقات ڪري پاڪستان جي قانون ۽ آئين موجب آزاد ۽ منصفاڻي چونڊن لاءِ آمريڪا جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو.اسلام آباد ۾ آمريڪي سفارتخاني جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم اسلام آباد ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا سان ملاقات ڪئي.ڊونلڊ بلوم ان ڳالهه کي ورجايو ته پاڪستان جي مستقبل جي ليڊرن جي چونڊ پاڪستاني عوام کي ئي ڪرڻي آهي ۽ پاڪستاني عوام جنهن کي به چونڊيندو، آمريڪا پاڪستان ۽ آمريڪا لاڳاپن کي وسيع ۽ مضبوط ڪرڻ لاءِ ان سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.










