راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)ڏکڻ وزيرستان جي علائقي اسمان مانزا ۾ فورسز ۽ دهشتگردن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته 6 بهادر جوان شهيد ٿي ويا.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب سڪيورٽي فورسز موثر طريقي سان دهشتگردن جي ٺڪاڻن جو پتو لڳايو، جوابي فائرنگ جي نتيجي ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 2 دهشتگرد زخمي ٿي پيا. آءِ ايس پي آر موجب فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 6 بهادر جوان شهيد ٿي ويا، جڏهن ته علائقي مان دهشتگردن جي خاتمي لاءِ پاڪ فوج جو آپريشن جاري آهي.آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي هٿياربند فوج دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي ۽ اسان جي بهادر سپاهين جون اهڙيون قربانيون اسان جي عزم کي مضبوط ڪن ٿيون.










