ڀارتي فوج جي ايل او سي تي فائرنگ، 1شخص شهيد، 3 عورتون زخمي

ڀارتي فوج جي ايل او سي تي فائرنگ، 1شخص شهيد، 3 عورتون زخمي

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)ڀارتي فوج لائين آف ڪنٽرول (ايل او سي) تي سيز فائر معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي.انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڀارتي فوج ايل او سي جي نڪيال سيڪٽر تي بنا جواز فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 60 ورهين جو نوجوان غياث شهيد ٿي ويو.آءِ ايس پي آر موجب ڀارتي فوج جي فائرنگ ۾ 3 عورتون جيڪي زمينن ۾ گاهه وڍي رهيون هيون زخمي پڻ ٿيون. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ڀارتي جارحيت موجوده سيز فائر معاهدي جي واضح خلاف ورزي آهي، پاڪستان پنهنجي سرحدن تي امن ۽ سڪون چاهي ٿو، شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا ويندا.پاڪستان جي عوام خلاف ڪنهن به مهم جوئي جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو