اٽڪ(ويب ڊيسڪ)اٽڪ جيل ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين جي سهولتن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي.جيل ذريعن موجب چيئرمين کي جيل جي دستور کان ٻاهر ماني ملڻ شروع ٿي وئي آهي، کيس صبح سوير بيرڪ مان ٻاهر وڃڻ جي اجازت پڻ ڏني وئي آهي.پي ٽي آءِ چيئرمين کي جيل ۾ روزانو ميوو پڻ ڏنو پيو وڃي.اڳوڻي وزيراعظم جي بيرڪ نمبر 2/1 کي تبديل ڪري اٽڪ جيل ۾ بيرڪ نمبر 3 الاٽ ڪيو ويو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين اڃا تائين جيل ۾ شيو ڪري رهيو آهي، شيونگ ڪٽ فراهم ڪئي وئي پر هن استعمال نه ڪيو.










