جلدي لاش ٺڪاڻي لڳائڻ لاءِ ايمبولينس ڏيندڙ ايم ايس گرفتار

جلدي لاش ٺڪاڻي لڳائڻ لاءِ ايمبولينس ڏيندڙ ايم ايس گرفتار

راڻيپور( رپورٽ حيدر علي عمراني) رورل هيلٿ سينٽر رانيپور جي ايم ايس ڊاڪٽر علي حسن وساڻ کي به فاطما ڦرڙو ڪيس ۾ غفلت برتڻ تي گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس جو چون آهي ته جاچ دوران اها ڳالهه سامهون آئي ته هن بنا پوسٽ مارٽم جي لاش جلدي ۾ موڪلڻ لاءِ سرڪاري ايمبولينس فراهم ڪئي. کانئس اها پڇا ڳاڇا هلي رهي آهي ته هن ڪنهن جي چوڻ تي ايمبولينس فراهم ڪئي؟ سندس گرفتاري لاءِ قانوني تقاضا پوري ڪرن بعد کيس لاڪپ ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته هن مهل تائين قتل جي مک جوابدار پير اسد شاهه جيلاني، ڇوڪري جو علاج ڪندڙ ڊاڪٽر عبد الفتاح ميمڻ، ڪمپائونڊر امتياز ميراثي ۽ ايس ايڇ او امير چانگ کي گرفتار ڪيو ويو آهي. فتاح ميمڻ ڇوڪري تي تشدد نه هئڻ ۽ طبعي موت جو ڪوڙو بيان ڏئي قتل کي لڪايو، ايس ايڇ او وارثن تي دٻاءُ وجهي قاتل تي ڪک رکيا ۽ ڇوڪري جي والده شبنم کان طبعي موت جو بيان ڏياريو ۽ ڪمپائونڊر اسپتال بدران حويلي ۾ وڃي علاج ڪرڻ ۽ قتل کي لڪائڻ جو اقرار ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو