اسلام آباد(بيورو رپورٽ)صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي ٽوئيٽ کانپوءِ پاڪستان تحريڪ انصاف عدالت سان رجوع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.تحريڪ انصاف قومي ۽ عدالتي سطح تي صدر جي موقف جي ڀرپور حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو.ترجمان موجب اهم ترين قانوني مسودن جي منظوري جي عمل تي صدر جو موقف سنجيده قدمن جي ضرورت آهي.ترجمان جو چوڻ آهي ته صدر ان بيماري جي نشاندهي ڪئي آهي جيڪا رياست ۽ حڪومتي ڍانچي ۾ تمام گهڻي پکڙيل آهي. صدر وفاق جي علامت، پارليامينٽ جو حصو ۽ پاڪستان جي هٿياربند فوجن جو سپريم ڪمانڊر آهي. سندن فيصلن تي عملدرآمد روڪڻ غير آئيني ۽ ناقابل قبول آهي، معاملو سپريم ڪورٽ ۾ کڻنداسين.ترجمان چيو ته صدر جو ٽوئيٽ غير معمولي، خطرناڪ ۽ هر لحاظ کان ناقابل تصور آهي. سندس ٽوئيٽ کانپوءِ سڄي قوم ۾ بيچيني جي لهر پکڙجي وئي آهي.تحريڪ انصاف جي ترجمان جو چوڻ آهي ته صدر جي بيان رياستي نظام ۾ ڦهليل انفيڪشن کي بي نقاب ڪري ڇڏيو، سندس ٽوئيٽ جي مواد کي هر زاويي کان جانچيو پيو وڃي.










