اسلام آباد ويندڙ ڪوچ سان خوفناڪ حادثو، 18 ڄڻا سڙي فوت

اسلام آباد ويندڙ ڪوچ سان خوفناڪ حادثو، 18 ڄڻا سڙي فوت

پنڊي ڀٽيان (ويب ڊيسڪ)ڪراچي کان اسلام آباد ويندڙ مسافر بس کي پنڊي ڀٽيان ويجهو حادثو پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ 18 ڄڻا سڙي فوت ۽ 15 زخمي ٿي پيا.حادثي بابت ڳالهائيندي ڊي پي او ڊاڪٽر فهد چيو ته 18 لاش هٿ ڪيا ويا آهن. حادثي ۾ بس ۽ پک اپ وين جو ڊرائيور به سڙي فوت ٿي ويو.حادثي ۾ 18 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا، جڏهن ته 15 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. زخمين مان اڪثر جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي.ڊي پي او ڊاڪٽر فهد موجب مارجي ويلن جي سڃاڻپ ڊي اين اي ذريعي ڪئي ويندي، زخمين کي پنڊي ڀٽان ۽ فيصل آباد جي اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي.ڊي پي او جو چوڻ آهي ته پک اپ ۾ ڊيزل جا ڊرم رکيا هئا، جنهن سبب بس کي باهه لڳي وئي. ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته بس ۾ 35 کان 40 مسافر سوار هئا. 15 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، بچي ويل مسافرن جو چوڻ آهي ته مسافر بس ڪراچي کان اسلام آباد وڃي رهي هئي.اوچتو، هڪ ڪار کي مارڻ کان پوء، بس کي باهه پکڙيل آهي. مسافرن کي ٻاهر نڪرڻ جو موقعو نه مليو.ان کان اڳ ڊي ايس پي احسان ظفر حادثي ۾ فوتگين جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته فيصل آباد هاءِ وي تي پنڊي ڀٽان ويجهو پيش آيل حادثي ۾ 20 کان وڌيڪ ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته حادثي ۾ وڌيڪ فوتگين جو خدشو آهي.پوليس موجب صبح ساڍي 4 وڳي پک اپ وين ۽ مسافر بس ۾ ٽڪر ٿيو. جنهن بعد گاڏين کي باهه لڳي وئي، باهه لڳڻ سبب ٻئي گاڏيون مڪمل سڙي رک ٿي ويون، پک اپ وين ڊيزل سان ڀريل هئي.پنڊي ڀٽان اسپتال جي ايم ايس جو چوڻ آهي ته 11 ڄڻن جا لاش ۽ 15 زخمين کي ڪپري ڀٽيان اسپتال آندو ويو، 4 زخمين کي نازڪ حالت ۾ الائيڊ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو