فيصل آباد(ويب ڊيسڪ)سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڇنڇر ڏينهن پنهنجي گهرواري سان گڏ جڙانوالا جو دورو ڪيو ۽ عيسائي برادري جي گهرن ۽ چرچن تي حملي جي مذمت ڪندي چيو ته هڪ مسلمان، هڪ پاڪستاني ۽ هڪ انسان جي حيثيت ۾ کيس انهن واقعن تي تمام گهڻو صدمو ۽ ڏک پهتو آهي. متاثرن سان ملاقات کانپوءِ هن صحافين کي لکت ۾ بيان جاري ڪيو. بيان ۾ لکيل آهي ته، ”عيسيٰ نگر ۾، گمراهه ماڻهن جي هڪ هجوم، عيسائي آباديءَ جا ڪيترائي گرجا گهر ۽ گهر ساڙي ڇڏيا. هن بيان ۾ اسلام جي تاريخ جي مختلف واقعن جي روشنيءَ ۾ اهو ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته مسلمانن کي عيسائي برادري سان عزت ۽ احترام سان پيش اچڻ گهرجي. هن چيو ته انهن حملن پاڪستان جي باني محمد علي جناح پاران غير مسلمن کي ڏنل ضمانتن جي به ڀڃڪڙي ڪئي آهي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ لکيو آهي ته پاڪستان پينل ڪوڊ جي سيڪشن 295 ۽ 295 اَي تحت مذهبي هنڌن ۽ نشانن کي نقصان پهچائڻ جرم آهي، مذهبي جذبن کي مجروح ڪرڻ جي سزا قيد ۽ ڏنڊ آهي. نوٽ ۾ هن چيو ته اهو هر مسلمان جو مذهبي فرض آهي ته هو ٻين مذهبن جي پيروڪارن جي جان، مال، عزت ۽ عبادت گاهه جي حفاظت ڪري ۽ انهن تي حملا ڪندڙن کي روڪڻ ۽ انهن کي پهتل نقصان جو ازالو ڪري. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته ”غلط فهمي جي انتها اها آهي ته ”اسلام“ جنهن جو مطلب امن آهي ۽ جيڪو پنهنجي پيروڪارن کي ماڻهن سان ملڻ وقت امن لاءِ دعا ڪرڻ جي تلقين ڪري ٿو، هن چيو ته چند پاڻ کي مسلمان سڏائڻ واران پنهنجي مذهب جي تعليمات جي خلاف ورزي ڪئي آهي ۽ اهڙي وحشت ۽ بربريت جو مظاهرو ڪيو آهي. ياد رهي ته فيصل آباد جي شهر جڙانوالا ۾ قرآن جي ورقن جي توهين جو الزام هڻي عيسائين جي ڪيترن ئي گهرن ۽ عباتگاهن کي باهه ڏئي ساڙيو هو ۽ گهرن ما ڦر لٽ ڪئي هئي. نياڻين جي ڏاج جو سامان به کڻي ويا هئا. مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته حملا آور ٻاهران آيل هئا جيڪي لبيڪ يا رسول الله جا نعرا هڻي رهيا هئا.










