لاهور(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته نواز شريف کي چونڊن ۾ مينڊيٽ مليو ته وزيراعظم هوندو.خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته چونڊون مقرر وقت تي ٿينديون ۽ جيڪڏهن مينڊيٽ ڏنو ته نواز شريف ئي وزيراعظم بڻجندو، نواز شريف منهنجو ليڊر آهي ۽ مان سندس ڪارڪن آهيان. هن چيو ته سياست ۾ ضد ڪرڻ بدران ڳالهين ذريعي مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي، وزيراعظم جي حيثيت سان ملڪ کي ڊفالٽ کان بچائڻ سڀ کان وڏي ڪاميابي هئي.شهباز شريف چيو ته 16 مهينا ڏينهن رات ڪم ڪيو ته عوام جي ڀلائي لاءِ ڪجهه ڪيو.فجر جي نماز پڙهيم ته آءِ ايم ايف جي ايم ڊي جو فون آيو، فون آيو ته پاڪستان سان معاهدو بحال ٿي ويو آهي، اها منهنجي لاءِ سڀ کان وڏي خوشي هئي.اڳوڻي وزيراعظم وڌيڪ چيو ته چونڊن ۾ اتحاد مختلف سياسي پارٽين مان ممڪن آهي، منهنجي خلاف سياسي ڪيس داخل ڪيا ويا، مون سڀ ڪجهه برداشت ڪيو، پنهنجي ڌيءَ ۽ ڀاڻيجي کي عدالتن ۽ جيلن ۾ ڇڪڻ ناقابل برداشت آهي.هن چيو ته وزيراعظم هائوس جا سمورا خرچ پنهنجي کيسي مان ادا ڪيا آهن.هڪ سوال جي جواب ۾ شهباز شريف چيو ته مان کاڌي ۾ دال روٽي پسند ڪريان ٿو، ماني پچائڻ به نٿو ڄاڻان، ترڻ جو شوقين آهيان ۽ ڊاڪٽرن به اها ئي سفارش ڪئي آهي.










