افغان حڪومت پاران ملڪ ۾ سياسي پارٽين تي پابندي لڳائڻ جو اعلان

افغان حڪومت پاران ملڪ ۾ سياسي پارٽين تي پابندي لڳائڻ جو اعلان

ڪابل (ويب ڊيسڪ)افغانستان جي انصاف واري وزارت ملڪ ۾ سياسي پارٽين تي پابندي لڳائڻ جو اعلان ڪيو آهي. افغان ميڊيا موجب افغان وزير انصاف مولوي عبدالحڪيم شرعي چيو آهي ته ملڪ ۾ سياسي پارٽين جون سرگرميون قبول نه ٿيون ڪري سگهجن.هن چيو ته هن وقت سمورا قانون اسلامي شريعت جي روشنيءَ ۾ مرتب ڪيا ويا آهن، شريعت ۾ سياسي پارٽين جي ڪا گنجائش ۽ حيثيت ناهي.افغان انصاف واري وزير چيو ته ملڪ جي موجوده تباهي سياسي پارٽين جي ڪري آهي، سياسي پارٽيون ملڪ جي مفاد ۾ ناهن.

پهنجو تبصرو موڪليو