راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته گذريل ڏينهن جڙانوالا ۾ پيش آيل واقعي کي انتهائي افسوسناڪ ۽ ناقابل برداشت قرار ڏنو ويو آهي.انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير آءِ ايس پي آر جي انٽرشپ پروگرام جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪيو.ان موقعي تي آرمي چيف جو چوڻ هو ته جڙانوالا جو واقعو انتهائي افسوسناڪ ۽ ناقابل برداشت آهي، نوجوانن کي سچ، اڌ سچ، ڪوڙ ۽ غلط ڄاڻ ۾ فرق سمجهڻ گهرجي.هن چيو ته اقليتن خلاف عدم رواداري ۽ انتها پسندي جي واقعن جي ڪا به گنجائش ناهي.پاڪستان جا سڀ شهري هڪ بغير ڪنهن مذهب، جنس، ذات پات جي ٻئي لاءِ برابر آهن. ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. اهڙن ڏوهن ۾ ملوث جوابدارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.آرمي چيف وڌيڪ چيو ته قومي ترقي ۾ نوجوانن جو ڪردار تمام اهم آهي، نوجوان پاڪستان جو مستقبل آهن، نوجوان ملڪ ۾ امن، ترقي ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.پنهنجي خطاب ۾ آرمي چيف انهن ماڻهن جو به ذڪر ڪيو جيڪي ملڪ ۾ انتشار ۽ بدامني پکيڙي رهيا آهن ۽ عوام ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪري رهيا آهن. آءِ ايس پي آر موجب پروگرام ۾ سڄي پاڪستان مان 370 مرد ۽ عورت شاگردن شرڪت ڪئي، آرمي چيف انٽرن شپ پروگرام ڪاميابي سان مڪمل ڪرڻ تي نوجوان انٽريز کي ساراهيو.










