جڙانوالا (ويب ڊيسڪ)فيصل آباد ۾ جڙانوالا جي مسجد ۾ اعلان ڪري ماڻهن کي ڀڙڪائيندڙ شخص کي گرفتار ڪيو ويو.پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار ياسين کي هڪ وڊيو جي مدد سان گرفتار ڪيو ويو جيڪو منظرعام تي آيو، ان وڊيو ۾ جوابدار کي مسجد جي لائوڊ اسپيڪر تي ماڻهن کي گڏ ٿيڻ جو چيو.پوليس موجب وڊيوز جي مدد سان فساد ۾ ملوث وڌيڪ جوابدارن جي سڃاڻپ ۽ گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن.واضح رهي ته حڪومت جڙانوالا ۾ گرجا گهرن کي ساڙڻ واري واقعي جي جوابدارن تائين پهچڻ لاءِ اعليٰ سطحي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.انهن واقعن ۾ ملوث 100 کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪري 2 ڪيس داخل ڪيا ويا. ڪيسن ۾ 37 نامزد ۽ 600 کان وڌيڪ اڻڄاتل جوابدارن خلاف دهشتگردي ۽ توهين رسالت سميت 13 کان وڌيڪ دفعات لاڳو ڪيون ويون.ضلعي انتظاميا صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ رينجرز جون ٻه ڪمپنيون مختلف هنڌن تي مقرر ڪري ڇڏيون آهن.فيصل آباد جي ضلعي انتظاميا ٻئين وڳي تائين شهر ۾ قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته ڇڪتاڻ واري صورتحال سبب جڑانوالا ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي










