جڙِانوالا ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو ان جي مذهب ۾ ڪا به جاءِ ناهي: قبله اياز

جڙِانوالا ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو ان جي مذهب ۾ ڪا به جاءِ ناهي: قبله اياز

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر قبله اياز چيو آهي ته جڑانوالا ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو ان جي مذهب، ملڪي قانون ۽ سماجي قدرن ۾ ڪا به جاءِ ناهي.ڊاڪٽر قبله اياز جڙانوالا واقعي تي بيان جاري ڪندي چيو آهي ته اسلام سمورن مذهبن جي عبادتگاهن ۽ مذهبي رسمن جي احترام جو درس ڏئي ٿو.هن چيو ته ٻين مذهبن جي ماڻهن ۽ عبادتگاهن تي حملا ڪرڻ جي قانون ۽ اسلام ۾ ڪا به گنجائش ناهي.اهڙن واقعن ۾ ملوث سمورن جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. قبله اياز حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته جن گهرن ۽ عبادتگاهن کي نقصان پهچايو ويو آهي. انهن جي بحالي لاءِ فوري قدم کنيا وڃن.اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين چيو ته ماڻهن جي نجي ملڪيتن کي پهچندڙ نقصان جو به ازالو ڪيو وڃي.اهڙن واقعن کي منهن ڏيڻ لاءِ ضروري آهي ته ملوث ڏوهارين کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي. ان سلسلي ۾ ڏينهن رات ٻڌڻي لاءِ خصوصي عدالتون قائم ڪيون وڃن.هن مطالبو ڪيو ته خاص عدالتون اهڙن ڏوهن کي هٿي وٺرائڻ وارن، ان جي منصوبه بندي ڪندڙن ۽ مسجدن مان اعلان ڪندڙن کي سزا ڏين.

پهنجو تبصرو موڪليو