ممبئي (ويب ڊيسڪ)ڀارتي رياستن هماچل پرديش ۽ اتراکنڊ ۾ تيز برساتن ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب فوتين جو انگ 81 ٿي ويو آهي.ڀارتي ميڊيا موجب اڪيلي رياست هماچل پرديش ۾ فوتين جو انگ 71 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 13 ڄڻا اڃا تائين گم آهن، جن جي ڳولا لاءِ امدادي ڪارروايون جاري آهن.هماچل پرديش جي ايمرجنسي آپريشن سينٽر موجب 24 جون کان شروع ٿيندڙ مون سون جي موسم ۾ تباهي واري برساتن ۽ لينڊ سلائيڊنگ جي مختلف واقعن ۾ هينئر تائين 214 ڄڻا مارجي ويا آهن ۽ 38 لاپتا آهن.ميڊيا رپورٽن موجب هماچل پرديش ۾ خراب موسم سبب تعليمي ادارا 19 آگسٽ تائين بند رهندا، جڏهن ته پنجاب جي رياست گورداسپور، هوشيارپور ۽ روپ نگر جا ڪيترائي ضلعا تيز برساتن کانپوءِ ٻوڏ جو شڪار آهن.ڀارتي ميڊيا رپورٽن ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته تيز برساتن کانپوءِ درياهه بياس ۽ ستلج ۾ پاڻي جي سطح بلند ٿي وئي آهي، جنهن سبب ماڻهن کي هيٺاهين وارن علائقن مان ڪڍيو پيو وڃي. هوڏانهن ڀارتي موسميات کاتي اڄ ملڪ جي اوڀر ۽ وچ وارن علائقن ۾ تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته ايندڙ 4 کان 5 ڏينهن دوران ڀارت جي ٻين علائقن ۾ به برسات جو امڪان آهي.










