جڙانوالا (م ڊ)پنجاب جي ضلعي فيصل آباد جي شهر جڙانوالا ۾ مبينا طور قرآن پاڪ جا ورق ساڙڻ جي الزام بعد مسلمانن جي مڇريل جٿن واقعي خلاف احتجاج ڪندي ڪرسچن ڪالوني ۽ عيسيٰ نگري ۾ عيسائي برادري جا 4 چرچ، درجنين گهرن، گاڏين ۽ سامان کي ساڙي ڇڏيو. ڊپٽي ڪمشنر علي عنان قمر جو چوڻ آهي ته جڙانوالا ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال کي نظر ۾ رکندي سڄي ضلعي ۾ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي ۽ حالتن تي ضابطي لاءِ رينجرز طلب ڪئي وئي آهي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ، اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، آصف علي زرداري، مريم نواز ۽ ٻين واقعي جي سخت مذمت ڪئي آهي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جڙانوالا ۾ اقليتن جي ملڪيتن تي حملن جي واقعي جو نوٽيس وٺندي جوابدارن جي فوري گرفتاري جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. نگران وزيراعظم انوار الحق واقعي جي مذمت ڪندي پنهنجي بيان ۾ چيو ته جڙانواله سانحي جا منظر حيران ڪري ڇڏيا آهن، اقليتن کي نشانو بڻائڻ وارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ قانون هٿ ۾ کنيو ويندو. هن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي به هدايتون جاري ڪيون آهن ته هو جڑانوالا واقعي جي ذميوارن کي گرفتار ڪري انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻي. پنهنجي هڪ بيان ۾ نگران وزيراعظم چيو ته هو يقين ڏياريو ته حڪومت سمورن پاڪستانين کي برابر جو تحفظ فراهم ڪندي. ٻئي طرف اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي ايڪس (ٽوئٽر) اڪائونٽ تي پيغام ۾ چيو آهي ته جڙانوالا ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو اهو تمام گهڻو پريشان ڪندڙ هو، ڪنهن به مذهب ۾ تشدد جي ڪا به جاءِ ناهي، سڀ عبادتگاهون، مقدس ڪتاب ۽ شخصيتون آهن. معتبر ۽ مقدس آهن، اسان کي انهن جو احترام ڪرڻ گهرجي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ اڳوڻي وزيراعظم حڪومت کان مطالبو ڪيو ته واقعي جي ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ سمورن مکاتب فکر جي عالمن کي به اپيل ڪئي ته هو اڳتي اچن ۽ اهڙي عمل جي مذمت ڪن. هن چيو ته پاڪستان سڀني مذهبن جي ماڻهن جو ملڪ آهي، هتي اهڙي جنون جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي.
پنجاب حڪومت جڙانوالا واقعي جي اعليٰ سطحي جاچ جو حڪم
پنجاب حڪومت جڙانوالا واقعي جي اعليٰ سطحي انڪوائري جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت امن کي خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.پنجاب حڪومت جي ترجمان چيو ته قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي جاچ جاري آهي، جوابدارن جي گرفتاري جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، اقليتي آبادي تي حملي جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن کي پوليس ناڪام بڻائي ڇڏيو.پنجاب حڪومت جو چوڻ آهي ته امن ڪميٽي کي متحرڪ ڪيو ويو، پوليس 100 کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو، ان سان گڏ ڪمشنر، ريجنل پوليس آفيسر (آر پي او)، ڊپٽي ڪمشنر ۽ سٽي پوليس آفيسر (سي پي او) فيصل آباد موجود آهن.
ڪنهن کي به مذهب جي نالي تي قانون هٿ ۾ کڻڻ جو حق ناهي: خواجا آصف
اڳوڻي بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته پاڪستان مذهب ۽ قوميت جي تفريق کانسواءِ سڀني جو وطن آهي.جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته مذهب جي نالي تي قانون هٿ ۾ کڻڻ جو ڪنهن کي به حق ناهي.خواجا آصف چيو ته جڙانوالا واقعي سڄي قوم کي شرمسار ڪري ڇڏيو آهي. اقليتن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ مسلم اڪثريت تي فرض آهي.اڳوڻي وفاقي وزير مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي اڳواڻ وڌيڪ چيو ته اسان جو مذهب محبت ۽ رواداري جو درس ڏئي ٿو. اسان جو رويو اسان جي مذهب سان مطابقت نٿو رکي. قانون جي نفاذ کي غير امتيازي هجڻ گهرجي.
مذهبي عبادتگاهن تي حملا قبول ناهن: مريم نواز
مسلم ليگ (ن) جي چيف آرگنائيزر مريم نواز جو چوڻ آهي ته مذهبن ۽ مذهبي عبادتگاهن تي حملا ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهن.لاهور ۾ پنهنجي هڪ بيان ۾ مريم نواز چيو ته جڙانواله فيصل آباد ۾ پرتشدد واقعن جي سخت مذمت ڪريون ٿا.هن چيو ته پاڪستاني رياست اقليتن کي برابري جا حق ۽ تحفظ فراهم ڪرڻ جي پابند آهي، اشتعال ۽ انتهاپسندي ڪنهن جي به حق ۾ ناهي.مسلم ليگ ن جي اڳواڻ مريم نواز وڌيڪ چيو آهي ته پنجاب حڪومت واقعي جي سمورن ڪردارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻي.










