اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي شاندانه گلزار جي 3 ايم پي او تحت گرفتاري جو حڪم معطل ڪندي کيس گهر وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس بابر ستار جي سربراهي ۾ شاندانه گلزار جي ايم پي او تحت گرفتاري خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته جيڪڏهن شاندنا گلزار کي ڪجهه ٿيو ته آءِ جي ۽ چيف ڪمشنر ذميوار هوندا جڏهن ته شاندانه گلزار اسلام آباد کان ٻاهر نه نڪرندي.عدالت شهريار آفريدي ۽ شاندنا گلزار جي گرفتاري خلاف داخل درخواست جي ٻڌڻي 2 هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.










