احسن اقبال خلاف داخل توهين عدالت جي درخواست رد

احسن اقبال خلاف داخل توهين عدالت جي درخواست رد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ سينئر ليگي اڳواڻ احسن اقبال خلاف توهين عدالت جي درخواست ٻڌڻ جوڳي نه هجڻ جي آڌار تي اُڪلائي ڇڏي.ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پاڪستان ريمارڪس ڏيندي چيو ته احسن اقبال نضم وضبط وارو انسان آهي منهنجي نظر ۾ احسن اقبال تمام گهڻو سنجيده ۽ دانشور انسان آهي جذبات ۾ هن ڪا ڳالهه چئي ڇڏي هوندي.چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ اڳوڻي وفاقي وزير احسن اقبال خلاف توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. عدالت چيو ته توهين عدالت ٿي آهي يا نه اهو طئي ڪرڻ اسان جو ڪم آهي. درخواستگذار صاحب اوهان اطلاع ڏني، اوهان جي مهرباني، هن ڪيس جي وڌيڪ هلڻ لاءِ هاڻ ڪوبه گرائونڊ موجود نه آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو