ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ اسڪولي ٻارن سان ريپ ڪيس ۾ ٺاهه جي بنياد تي مقامي ڪورٽ مان آزاد ٿيڻ وارو حڪم معطل ڪندي سارنگ شر کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. پوليس عدالت ۾ موجود سارنگ شر کي گرفتار ڪري ورتو. ٺري ميرواهه جي استاد سارنگ شر جا شاگردن سان گروپ سيڪس جا فوٽو ۽ ويڊيو سامهون اچڻ بعد خيرپور پوليس کيس گرفتار ڪيو هو. جنهن بعد هن متاثر ٿيل ٻارن جي والدين کي قرآن جا واسطا ۽ نياڻيون ميڙ ڪري معافي ورتي هئي. ڌرين ۾ صلح بعد مقامي ڪورٽ کيس آزاد ڪيو هو. جنهن خلاف اپيل تي جسٽس صلاح الدين پنهور جي سربراهي ۾ عدالت ٻڌڻي بعد کيس گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو.










