اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نگران وزيراعظم انور حق ڪاڪڙ پنهنجي ڪابينا جي جوڙجڪ لاءِ مشاورت تيز ڪري ڇڏي آهي.ذريعن موجب نگران وزيراعظم سمورين شخصيتن جي پروفائيل جو پاڻ جائزو وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ انوارالحق ڪاڪڙ به پنهنجي ڪابينا کي مختصر رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته نگران وزيراعظم پنهنجي ساٿين سان ڳالهه ٻولهه ۾ چيو ته هو معاشي مسئلن ۾ ڦاٿل ملڪ تي بار نه ٿو وجهڻ چاهي، منهنجو پروٽوڪول گهٽ ۾ گهٽ رکيو وڃي، خرچ ۽ عوام کي تڪليف نه ٿيڻ گهرجي.ذريعن موجب نگران ڪابينا لاءِ مختلف نالن تي غور ڪيو پيو وڃي، جن ۾ جليل عباس جيلاني، شعيب سعدل، احسن ڀون، سرفراز بگٽي ۽ ذوالفقار چيما جي نالن تي غور ڪيو پيو وڃي.ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳوڻي تعليم واري وزير محمد علي دراني کي اطلاعات واري وزارت جو قلمدان ڏيڻ جو امڪان آهي.










