پرويز الاهي 21 آگسٽ تائين رمانڊ تي نيب حوالي

پرويز الاهي 21 آگسٽ تائين رمانڊ تي نيب حوالي

لاهور (ويب ڊيسڪ) احتساب عدالت ترقياتي منصوبن جي ٺيڪن ۾ رشوت وٺڻ واري ڪيس ۾ پي ٽي آءِ صدر چوڌري پرويز الاهي کي 21 آگسٽ تائين جسماني رمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو. هڪ ڏينهن اڳ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير کي اڊيالا جيل مان آزاد ٿيڻ کانپوءِ اينٽي ڪرپشن واچ ڊاگ گرفتار ڪيو هو. هن کي پنهنجي 30 ڏينهن جي نظربندي جي مڪمل ٿيڻ تي سومر تي آزاد ڪيو ويو هو، جيڪو پبلڪ آرڊر جي بحالي (ايم پي او) آرڊيننس تحت هو. پر جيئن ئي هو اڊيالا جيل جي دروازي کان ٻاهر نڪتو ته ڊپٽي ڊائريڪٽر نجم الحسن جي سربراهي ۾ نيب جي ٽيم کيس حراست ۾ ورتو. ٽيم ۾ بيورو جي راولپنڊي ۽ لاهور زونز جا اهلڪار شامل هئا. بعد ۾ پوليس راولپنڊي جي عدالت مان پي ٽي آءِ اڳواڻ جو هڪ ڏينهن جو عبوري رمانڊ حاصل ڪري لاهور منتقل ڪيو ۽ اڄ احتساب عدالت ۾ پيش ڪري سندس جسماني رمانڊ ورتو. نيب جو الزام آهي ته پرويز الاهي ”گجرات هاءِ ويز ڊويزن جي روڊن جي اسڪيمن جا ٺيڪا من پسند/هٿ چونڊيل ٺيڪيدارن کي ڏنا“ جي بدلي ۾ رشوت/ڪڪ بيڪ وصول ڪيا. ڪيس ۾ سندس پٽ مونس الاهي، مهر عظمت حيات ۽ ٻيا به جوابدار آهن. ڪيس ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته شريڪ جوابدارن نيب آرڊيننس جي سيڪشن 9 (اي) تحت ”ڪميشن /ڪڪ بيڪس جي وصولي ۽ بدعنواني جي ڏوهن جي مد ۾ سرڪاري خزاني کي ڪروڙين رپين جو نقصان پهچائڻ ۾ ملوث هئا“. ان کان اڳ اڄ احتساب عدالت جي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج زبير شهزاد ڪياني جي عدالت ۾ بظاهر ڪافي ڪمزور نظر ايندڙ الاهي کي پيش ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو