چونڊن ۾ مداخلت جي الزام ۾ ٽرمپ تي فرد جرم لاڳو

چونڊن ۾ مداخلت جي الزام ۾ ٽرمپ تي فرد جرم لاڳو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي جارجيا جي چونڊن ۾ مداخلت جو الزام لڳايو ويو آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب ڊونلڊ ٽرمپ تي 2020ع جي صدارتي چونڊن ۾ مداخلت بابت ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي.رپورٽن مطابق ڊونلڊ ٽرمپ جي 18 اتحادين تي به جارجيا ۾ 2020ع جي چونڊن ۾ مداخلت جو الزام لڳايو ويو آهي.هڪ گرانڊ جيوري هڪ ڏينهن جي ٻڌڻي کانپوءِ سومر تي فرد جرم لاڳو ڪيو. پراسيڪيوٽرز جارجيا ۾ 2020 جي اليڪشن کي ختم ڪرڻ لاءِ ٽرمپ جي ڪوششن جا ثبوت پيش ڪيا.پرڏيهي ميڊيا موجب ڊونلڊ ٽرمپ تي جج رابرٽ ميڪ برني فرد جرم لاڳو ڪيو.واضح رهي ته اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ خلاف هي چوٿون فوجداري ڪيس آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو