اسڪردو ايئرپورٽ تي پهرين انترنيشنل اڏام لٿي

اسڪردو ايئرپورٽ تي پهرين انترنيشنل اڏام لٿي

اسڪردو (ويب ڊيسڪ) اسڪردو ايئرپورٽ تي دبئي کان آيل پهرين انٽرنيشنل اڏام لينڊ ڪيو پي ڪي 234 اڏام دبئي کان صبح لڳي 15 منٽن تي 80 مسافر کڻي اڏام ڪئي ۽ ساڍن چئن ڪلاڪن کان پوءِ اسڪردو انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي لٿي ايئرپورٽ تي لينڊنگ وقت جهاز جو واٽر ڪينن سان استقبال ڪيو ويو جڏهن ته سافرن کي گلن جا گلدستا پيش ڪيا ويا. گلگت بلتستان جي چيف سيڪريٽري محي الدين احمد واني ان اڳڀرائي کي هڪتاريخي گهڙي قرار ڏنو جاري ڪيل بيان م چيو ته اسڪردو لاءِ پرڏيهي اڏامن جي شروعات سان سفر جا نوان امڪان پيدا ٿيندا ۽ هن علائقي کي ٻي دنيا سان ڳنڍڻ ۾ مدد ملندي هن چيو ته هي سياحت کي هٿي ڏيڻ ۽ ٻين علائقن سان خطي جي رابطن کي وڌائڻ طرف هڪ وڏو قدم آهي. ٻئي پاسي يو اي اي ۾ پاڪستان جي سفير فيصل نياز ترمزي 14 آگسٽ تي پاڪستان جي 77هين آزادي ڏهاڙي جي موقعي تي اسڪردو لاءِ پهرين بين الاقوامي اڏام دبئي مان روانو ٿيڻ تي خوشي جو اظهار ڪيو هڪ پيغام ۾ هن مسافرن جا حوصلا وڌايا ته هو وڊيو اسٽوريز جي ذريعي پاڪستان جي سونهن جي منظر ڪشي ڪن ۽ ان کي شيئر ڪن. هن ان تاريخي اڏام کي حقيقت بنائڻ ۾ هوابازي وزارت ۽ گلگت بلتستان انتظاميه جي سهڪار کي ساراهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو