سياستدانن ۽ اسٽيڪ هولڊرز کي رحمدل رويو رکڻ گهرجي:علوي

سياستدانن ۽ اسٽيڪ هولڊرز کي رحمدل رويو رکڻ گهرجي:علوي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)يوم آزادي تي اسلام آباد جي ڪنوينشن سينٽر ۾ جهنڊو ڦڙڪائڻ جي تقريب جاري آهي، صدر عارف علوي جهنڊو هوا ۾ بلند ڪيو.يوم آزادي جي مرڪزي تقريب کي خطاب ڪندي صدر عارف علوي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته سياستدانن ۽ اسٽيڪ هولڊرز کي برداشت جو رويو اختيار ڪرڻ گهرجي، پاڪستان کي پنهنجي اڳواڻن کي گڏ ٿيڻ جي ضرورت آهي.هن چيو ته نفرتون پکيڙڻ بدران محبت کي فروغ ڏيڻ گهرجي، اسلام ئي محبت کي فروغ ڏيڻ جو رستو آهي.صدر چيو ته اڄ به اسان جا سپاهي ۽ عام شهري پاڪستان جي لاءِ مسلسل شهادتون ڏئي رهيا آهن. مان انهن قربانين کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، انهن کي به خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، جن وطن جي دفاع ۽ سلامتي لاءِ جنگ وڙهي. ملڪ جي صدر جو چوڻ آهي ته آزادي جي جدوجهد 1857ع ۾ شروع ٿي، اهي قربانيون آئين، قانون ۽ ميرٽ جي بالادستي لاءِ ڏنيون ويون، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ هڪ لک جانين جو نذرانو ڏنو ويو، پاڪستان لاءِ قربانين جو سلسلو اڄ به پڻ جاري آهي. عارف علوي چيو آهي ته انصاف لاءِ ڌرين کي ٻڌڻ ضروري آهي، اسلام جي قدرن کي اپنائڻ گهرجي، اشرافيه کي گذارش آهي ته هر ٻار کي اسڪول موڪليو وڃي، ٽيڪس چورن جو بار پگهاردار کڻن ٿا. هنن چيو ته جيڪڏهن فلاح ۽ انصاف نه هوندو ته رياست ۾ برڪت نه هوندي، اسلام پرامن مذهب آهي، اسان امن چاهيون ٿا، اتحاد جو رستو اختيار ڪرڻو پوندو. تقريب ۾ سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي ۽ پرڏيهي مهمانن پڻ شرڪت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو