ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته جلد ئي ڪراچي ۾ نون روٽن لاءِ بسون هلايون وينديون سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽيوٽر تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته سٺي خبر اها آهي ته بسن جي نئين کيپ ڪراچي پهچي رهي آهي هن چيو ته ٽرانسپورٽ کاتو شهرين جي سولائي لاءِ ڪم ڪري رهيوآهي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته آگسٽ ۽ آڪٽوبر ۾ وڌيڪ بسون به ڪراچي پهچي وينديون هن چيو ته پيپلزپارٽي عوام سان ڪيل پنهنجا واعدا پورا ڪري رهي آهي.










