گيلاني 9 ڪيسن ۾ بري، صدر جي تبديلي بابت رڳو افواهه آهن

گيلاني 9 ڪيسن ۾ بري، صدر جي تبديلي بابت رڳو افواهه آهن

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته صدر جي تبديلي يا سندس صحت بابت صرف افواهون آهن.ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي يوسف رضا گيلاني چيو ته حڪومت جو حصو نه بڻجڻ جو فيصلو سي اي سي ڪيو هو، سي اي سي چاهي ته فيصلو واپس وٺي سگهي ٿو.يوسف رضا گيلاني چيو ته اسان حڪومت جو حصو نه آهيون ۽ مان حڪومت جو ترجمان نه آهيان.هن چيو ته ڪيس 12 سالن کان هلي رهيو هو، جيڪو اڳ شاگرد هو اڄ پراسيڪيوٽر طور پيش ٿيو، انصاف ۾ دير ڪرڻ انصاف کان انڪار ڪرڻ جي برابر آهي. اينٽي ڪرپشن ڪورٽ سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني کي ٽي ڊي اي پي ڪرپشن ڪيس جي 9 ڪيسن مان بري ڪري ڇڏيو. ٽي ڊي اي پي ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي ڪراچي جي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ ۾ ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو