8 فيبروري تي چونڊون ٿينديون،  حڪومت ٺاهينداسين: راڻا ثناءُ الله

8 فيبروري تي چونڊون ٿينديون، حڪومت ٺاهينداسين: راڻا ثناءُ الله

لاهور(ويب ڊيسڪ) نون ليگ جي اڳواڻ راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته مسلم ليگ نون اليڪشن جي لاءِ مڪمل طور تيار آهي، نوازشريف ڪوڙا ڪيس ختم ٿيڻ سان نئون لاڏلو ڪيئن ٿي ويو؟ 8 فيبروري تي چونڊون ٿينديون ۽ نون ليگ اڪثريت سان پنهنجي حڪومت ٺاهيندي،لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته پي ٽي آءِ جي اڳوڻي چيئرمين غرور ۽ تڪبر ۾ اچي 9 مئي واري حرڪت ڪئي،هن چيو ته جي يو آءِ سان چونڊ اتحاد نه ٿيندو، سيٽ ايڊجسٽمينٽ ڪري سگهجي ٿي، دانيال عزيز جو احسن اقبال سان تڪرار ٽڪيٽ جي معاملي تان ٿيو

پهنجو تبصرو موڪليو