اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ناڻي واري وزارت مهيني جي معاشي آئوٽ لُڪ رپورٽ جاري ڪئي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته 7 مهينن ۾ افراط زر جي شرح 28.7 سيڪڙو کان گهٽجي 6.5 سيڪڙو ٿي وئي آهي. هلندڙ مالي سال جي پهرين ستن مهينن ۾، ترسيلات، برآمدات ۽ درآمدات ۾ اضافو ٿيو، ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو سرپلس ۾ رهيو، ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو.رپورٽ موجب، اسٽيٽ بينڪ جي ذخيرن ۾ واڌ ٿي ۽ رپئي جي قدر ۾ استحڪام آيو، جولاءِ کان جنوري تائين ترسيلات ۾ 25.2 سيڪڙو واڌ ٿي. 7 مهينن ۾ برآمدات ۾ 9.7 سيڪڙو واڌ ٿي، جڏهن ته درآمدات ۾ به 7 مهينن ۾ 16.8 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي.جولاءِ کان جنوري تائين ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 680 ملين ڊالر کان وڌيڪ سرپلس ۾ رهيو، ۽ اسٽيٽ بينڪ جا ذخيرا 8 ارب ڊالر کان وڌي 11.2 ارب ڊالر کان وڌيڪ ٿي ويا. جولاءِ کان ڊسمبر تائين ايف بي آر جي آمدني ۾ 26.2 سيڪڙو واڌ ٿي، جولاءِ کان ڊسمبر تائين نان ٽيڪس آمدني ۾ 82 سيڪڙو واڌ ٿي، ۽ جولاءِ کان ڊسمبر تائين مالي خسارو 36.1 سيڪڙو گهٽجي ويو. جنوري 2025 ۾، 63,000 کان وڌيڪ پاڪستاني ڪم لاءِ پرڏيهه ويا.










