شڪارپور (رپورٽر) شڪارپور جي پوليس لائين ۾ گھرو وزير ۽ آء جي سنڌ آڏو 72 ڏوھارين ھٿيار ڦٽا ڪري گرفتاري پيش ڪري ڇڏي آھي،شڪارپور جي پوليس لائن گرائونڊ تي منعقد ڪيل ڏوھاري سرينڊر تقريب ۾ گھرو وزير ضياء الحسن لنجار،ايم اين اي شھريار مھر،بابل ڀيو،عابد حسين ڀيو،امتياز احمد شيخ،ڊاڪٽر محمد ابراھيم جتوئي،سردار تيغو خان تيغاڻي،ذوالفقار ڪماريو،گل محمد جکراڻي،ايم پي اي محمد عارف مھر،ڊي آء جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب،ايس ايس پي شڪارپور شاھزيب چاچڙ،ايس ايس پي جيڪب آباد ڪليم امام،ايس ايس پي ڪشمور مراد گھانگرو،ايس ايس پي سکر اظھر مغل،ايس ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد فيصل،ڊي جي رينجرس سنڌ سميت مختلف آفيشلز شرڪت ڪئي،تقريب ۾ ڪچي جي 72 ڏوھارين کي پيش ڪيو ويو جن مان 30 ڏوھارين مٿان مجموعي طور 7 ڪروڙ 65 لک رپيا انعام رکيل آھن،پيش پيل ڏوھارين ۾ تيغاڻي،بڊاڻي،سبزوئي ڏوھاريگروپن جا 72 ڏوھاري شامل آھن،تقريب ۾ صوبائي گھرو وزير ضياءُ الحسن لنجار،آء جي سنڌ غلام نبي ميمڻ،ڊي جي رينجرس،سيڪٽرڪمانڊر،ڊي آء جي لاڙڪاڻوناصر آفتاب،ايس ايس پي شڪارپور شاھزيب چاچڙ،ايس ايس پي ڪشمور گھانگرو،ايس ايس پي جيڪب آباد سميت مختلف آفيسر ۽ اھلڪار موجود آھن،ھٿيار ڦٽا ڪندڙ ڏوھارين ۾ ياسين تيغاڻي،شھداد تيغاڻي،معشوق علي تيغاڻي،جان محمد تيغاڻي،جمال الدين تيغاڻي،عبدالطيف تيغاني،علي مراد سبزوئي،ستار سبزوئي،نادربنگلاڻي،عبدالعزيز بنگلاڻي،حميد چولياڻي،ڀورل سبزوئي،نيازعرف بابن سبزوئي،حضور بخش تيغاڻي،ستار،اربيلو،گلشير،سونارو تييغاڻي،مختيار تيغاڻي،باسط سبزوئي،پير بخش تيغاڻي،يعقوب سبزوئي،خدا بخش تيغاڻي،شھميرتيغاڻي،ڪرم اللۡھ تيغاڻي،لال بخش تيغاڻي،شبير سبزوئي،واحد تيغاڻي،سکيو تيغاڻي،نورو تيغاڻي،يونس تيغاڻي،سراج سبزوئي،ھيرو،بخت اللھ سبزوئي،تاجن تيغاڻي،نور محمد،مجيد تيغاڻي،فريد تيغاڻي،بگن تيغاڻي،گلزار تيغاڻي،غازي تيغاڻي،ڪرم اللھ تيغاڻي،نور حسن،امداد،ڀلڙ تيغاڻي،نواز بنگلاڻي،علي جان تيغاڻي،نور الدين تيغاڻي،اللھ وسايو تيغاڻي شامل آھن،شڪارپور پوليس جو ڪچي واري علائقي ۾ گزريل ستن سالن کان آپريشن ھلندڙ آھي شڪارپور جي پوليس لائن گرائونڊ تي منعقد ڪيل تقريب ۾ آء جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو ته ھميشه پوليس جديد ھٿيار نه ھجڻ سبب نقصان کاڌو اسين پوليس جي شھيدن کي سلام پيش ڪريون ٿا،ھي سڄو ڪجھ شھيدن جي قربانين جو نتيجو آھي جو آھي 72 ڏوھارين ھٿيار ڦٽا ڪيا آھن،ھي شروعات آھي اڳتي به ڏوھاري قانون تي اعتماد ڪري پيش پوندا،ھن چيو ته 2012 کان وٺي ھرکجي اغوا ٿيڻ جي روايت قائم ٿي جيڪا اڃا تائين ھلندڙ آھي ھن وقت اغوا مڪمل طور تي ختم ٿي چڪو آھي،پوليس ڪاروائين ۾ 171 ڏوھاري مارجي ويا آھن 421 زخمي ٿيا آھن ۽ اڄ 72 ڏوھاري پيش پيا آھن جن وٽان 209 ھٿيار رڪور ڪيا ويا آھن جن ۾ ايس ايم جي،ايل ايم جي،اينٽي ايئر ڪرافٽ گنز سميت مختلف رائيفلس شامل آھن،اھا پوليس رينجرس جي ڪاميابي آھي،ھن چيو ته جيڪي به ڏوھاري پيش پيا آھن آھي قانون مطابق عدالتن ۾ ڪيسن کي منھن ڏيندا،ھن چيو ته ڏوھاري لاء بھترين موقعو آھي ته پاڻ کي پيش ڪن پنھنجي زندگي سڪون ۽ امن سان گزارين پنھنجي ٻارڙن کي تعليم ڏياري عزت سان جيئن ته جيئن سماج ۾ امن قائم ٿي سگھي.شڪارپور پوليس لائن گرائونڊ تي ڏوھارين پيش ٿيڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي گھرو وزير ضياء الحسن لنجار چيو ته شھيدن کي ڪريڊٽ ڏيان ٿو جن جي شھادت سبب اڄ پوليس ۽ رينجرس کي ڪاميابي ملي اڄ 72 ڏوھاري پيش پيا آھن جن جي خاندانن کي محفوظ زندگي ،روزگار تعليم ۽ صحت جون سهولتون ڏيڻ چاھيون ٿا گھرو وزير چيو ته سکر ۾ صدر پاڪستان آصف علي زرداري گڏجاڻي ۾ امن پاليسي جوڙي ھئي جنھن تي عمل ٿي رھيو آھي،اھو تڏھن ئي ممڪن بڻيو آھي ته علائقن جا چڱا مڙس پوليس رينجرس ۽ ادارا ھڪ پيج تي آھن ته عوام کي ھر صورت ۾ امن فراھم ڪرڻو آھي،ھن چيو ته ڏوھاري جا ڪا زندگي ناھي ھوندي ڏوھاري پيش ٿين ته بھتر عمل آھي جيڪو ڏوھاري پيش نه ٿيندو ان خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي ڪوئي ڏوھارين خوشفھمي ۾ نه رھي ته عوام کي تڪليف ڏيندو ۽ کيس معاف ڪيو ويندو،جيڪي ڏوھاري پيش ٿيا آھن،انھن پنھنجي بھتر زندگي جي چونڊ ڪئي آھي،گھرو وزير چيو ته امن پاليسي تحت به ڪميٽيون مانيٽرنگ ۽ امليمينٽگ جوڙيون ويون آھن،جن تحت ڏوھارين کي پيش ڪش ڪئي ويندي ته ھٿيار ڦٽا ڪن يا مقابلن لاء تيار رھن ھن چيوته اسين چاھيون ٿا ته سنڌ جي ڪچي واري علائقن ۾ تعليم،صحت،وٽنري اسپتالون ۽ ڪاروبار کي ھٿي وٺرائجي ڏوھارين لاء پيغام آھي ته پيش ٿيو عزت واري زندگي گزاريو،










