6 مهينن کان شايع نه ٿيندڙ 181 اخبارون ۽ رسالا ميڊيا لسٽ مان خارج

6 مهينن کان شايع نه ٿيندڙ 181 اخبارون ۽ رسالا ميڊيا لسٽ مان خارج

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ حڪومت جي اطلاعات کاتي 6 مهينن کان شايع نه ٿيندڙ 181 اخبارن ۽ رسالن کي سنڌ جي ميڊيا لسٽ مان ڪڍي ڇڏيو آهي،انفارميشن سيڪريٽري نديم الرحمان ميمڻ جي منظوري کانپوءِ ڊائريڪٽر ايڊورٽائزنگ محمد يوسف ڪابورو مٿي ڄاڻايل اخبارن کي سنڌ ميڊيا لسٽ مان ڪڍڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو،جن اخبارن ۽ رسالن کي ميڊيا لسٽ مان خارج ڪيو انهن ۾ اردو، انگريزي ۽ سنڌي ٻولي جون اخبارون ۽ رسالا شامل آهن. يوسف ڪابورو موجب ڊائريڪٽر پريس جي باقاعده رپورٽ تي سنڌ جي ميڊيا لسٽ مان مٿين اخبارن ۽ جرنلن کي ڪڍيو ويو،سنڌ جي ميڊيا لسٽ ۾ اخبارن کي شامل ڪرڻ يا ختم ڪرڻ جو فيصلو هر ٽن مهينن بعد ڊائريڪٽر جنرل جي سربراهي ۾ اطلاعات کاتي جي ڪميٽي جي سفارشن ۽ ريگيولرٽي رپورٽ جي بنياد تي ڪيو ويندو،اطلاعات کاتي موجب جيڪي اخبارون ۽ رسالا باقاعده شايع نه ٿيندا، انهن کي سنڌ جي ميڊيا لسٽ مان ڪڍيو ويندو،سنڌ جي ميڊيا لسٽ مان ڪڍيل اخبارن جي لسٽ اطلاعات کاتي جي ويب سائيٽ تي جاري ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو