6 ملڪن مان 48 پاڪستاني ملڪ بدر، ڪراچي ۾ آف لوڊ

6 ملڪن مان 48 پاڪستاني ملڪ بدر، ڪراچي ۾ آف لوڊ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)گذريل 24 ڪلاڪن دوران سعودي عرب، عمان ۽ گڏيل عرب امارات سميت ڇهن مختلف ملڪن مان وڌيڪ 48 پاڪستانين کي ملڪ بدر ڪيو ويو، جڏهن ته ڪراچي ايئرپورٽ تي 38 مسافرن کي آف لوڊ ڪيو ويو. اميگريشن ذريعن موجب، 31 ماڻهن کي سعودي عرب مان بليڪ لسٽ ۾ شامل ڪرڻ، پاسپورٽ نه هجڻ، سزا ڪاٽڻ، اوور ٽائيم ڪم ڪرڻ، اسپانسر کان سواءِ ڪم ڪرڻ ۽ ڪم کان فرار ٿيڻ جي ڪري ملڪ بدر ڪيو ويو.عمان مان ٻارهن ماڻهن کي بليڪ لسٽ ۾ شامل ڪرڻ، ويزا جي مدي ختم ٿيڻ ۽ غير قانوني طور تي داخل ٿيڻ جي ڪري ملڪ بدر ڪيو ويو، جڏهن ته امارات مان ٻه، قطر مان هڪ، ۽ هڪ پاڪستاني کي آذربائيجان ۾ اميگريشن طرفان ناپسنديده قرار ڏيڻ جي ڪري ملڪ بدر ڪيو ويو.پنجن جلاوطن ماڻهن کي لاڙڪاڻو، ڊيرا غازي خان، فيصل آباد، حيدرآباد ۽ رخشان پوليس جي حوالي ڪيو ويو.ان کان علاوه، عراق، عمان ۽ سعودي عرب جي وزٽ ويزا تي 3 مسافرن کي بليڪ لسٽ ڪرڻ کان پوءِ آف لوڊ ڪيو ويو، عراق، يونان، آذربائيجان، سريلنڪا، ٿائيلينڊ ۽ فلپائن جي وزٽ ويزا تي 13 مسافرن کي آف لوڊ ڪيو ويو، جڏهن ته بحرين ۽ سعودي عرب جي ورڪ ويزا تي 7 مسافرن کي به پروازن مان آف لوڊ ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو