6 مهينن کانپوءِ چونڊون ٿيڻيون آهن، گورنر راڄ نه ٿو چاهيان: گورنر

6 مهينن کانپوءِ چونڊون ٿيڻيون آهن، گورنر راڄ نه ٿو چاهيان: گورنر

پشاور(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي گورنر غلام علي چيو آهي ته ملڪ ۾ 6 مهينن کانپوءِ چونڊون ٿيڻيون آهن، تنهن ڪري گورنر صوبي ۾ راڄ نه ٿو چاهي.خيبرپختونخواهه جي گورنر غلام علي پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي کي فون ڪيو، جنهن دوران ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.خيبرپختونخواهه جي گورنر پنجاب جي وڏي وزير کي گورنر هائوس اچڻ جي دعوت ڏني ۽ شڪايت ڪئي ته پي ٽي آءِ جي صوبائي حڪومت کيس مبارڪباد به نه ڏني.ان موقعي تي گورنر جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ 6 مهينن کانپوءِ چونڊون ٿيڻيون آهن، تنهن ڪري گورنر صوبي ۾ راڄ نه ٿو چاهي.گورنر پرويز الاهي جو چوڻ هو ته هو موجوده سياسي صورتحال کي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪندا.

پهنجو تبصرو موڪليو