ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ملڪي معيشت جا مثبت اشارا ظاهر ٿيڻ شروع ٿي ويا، پاڪستاني رپئي جي قدر ۾ بهتري کانپوءِ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ زبردست تيزي کي ڏٺو ويو آهي.پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ڪاروبار دوران 273 پوائنٽس جو اضافو ٿيو آهي، جنهن سبب 100 انڊيڪس 6 سالن کانپوءِ 50 هزار جي سطح تي پهچي ويو آهي.واضح رهي ته اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن تي 100 انڊيڪس 601 پوائنٽس جي بينڊ ۾ رهيو پر ڪاروبار جي پڄاڻي تي هينڊريڊ انڊيڪس 238 پوائنٽس جي واڌ سان 49731 تي بند ٿي ويو.
