50 هزار کان گهٽ آمدني وارن تي ٽيڪس لڳائڻو جو مشورو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)ورلڊ بئنڪ 50 هزار ۽ ان کان گهٽ آمدني وارن تي ٽيڪس لڳائڻ جي تجويز ڏني آهي.ورلڊ بينڪ چيو آهي ته دڪاندارن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آندو وڃي ۽ ٽيڪس فري آمدني جي حد گهٽ ڪئي وڃي جڏهن ته پرسنل انڪم ٽيڪس جو ڍانچو آسان ڪيو وڃي.ورلڊ بئنڪ چيو آهي ته 5 لک رپيا ماهوار آمدني وارن تي 35 سيڪڙو جي شرح سان ٽيڪس لاڳو ڪيو وڃي.ورلڊ بينڪ جو چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت صوبن جي دائري ۾ ايندڙ شعبن تي خرچ نه ڪري، ستين قومي مالياتي ڪميشن جو ٻيهر جائزو ورتو وڃي ۽ فنانسنگ جو منصوبو وفاق ۽ صوبن جي دائري ۾ اچي طئي ڪيو وڃي.ورلڊ بينڪ جو چوڻ آهي ته زرعي شعبي ۾ ساڍا 12 ايڪڙ زمين جي مالڪن تي ٽيڪس لڳايو وڃي، مناسب تياري ۽ تشخيص کانسواءِ شروع ڪيل ترقياتي منصوبا ختم ڪيا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو