ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان جي اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال جو چوڻ آهي ته عدالت 5 سالن جي ٽرائل کانپوءِ اسان کي بري ڪيو آهي.ڪراچي جي احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته مون تي زمين جي غير قانوني الاٽمينٽ جو الزام آهي.هن چيو ته جڏهن هي ريفرنس ٺاهيو ويو ته اها خانگي ملڪيت هئي ۽ اڃا به آهي،اهو ائين آهي ڪنهن کي قتل ڪيو ويو هجي اهو قاتل سامهون گهمندو هجي،مون وٽ هڪ گز زمين به نه آهي،مصطفيٰ ڪمال جو چوڻ آهي ته 15 سالن کانپوءِ مون کي نيب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو آهي،5 سالن ۾ هڪ به شاهد نه آيو ۽ منهنجي خلاف هڪ رپيي جي ڪرپشن ثابت نه ٿي سگهي،ايم ڪيو ايم اڳواڻ چيو ته الله مون کي انهن سڀني ڳالهين کان بچائي ورتو آهي، چيو وڃي ٿو ته هي شريف آهي جنهن کي موقعو ئي نه مليو، مون کي ڦرلٽ جو موقعو مليو پر مان نه ڪيو.










