400 يونٽن واري صارفين کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ پلان تيار

400 يونٽن واري صارفين کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ پلان تيار

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ناڻي واري وزارت 400 يونٽن تائين بجلي استعمال ڪندڙ صارفين کي رليف ڏيڻ لاءِ ايمرجنسي پلان تيار ڪري ورتو آهي.ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته بجلي جي بلن ۾ رليف جو منصوبو هنگامي بنيادن تي تيار ڪيو ويو آهي ۽ نگران حڪومت پاران بجلي جي بلن ۾ 250 ارب رپين جو رليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.ذريعن موجب نگران ناڻي واري وزير آءِ ايم ايف اختيارين کان بجلي جي بلن ۾ رليف جي درخواست ڪئي آهي ۽ بجلي جي بلن جي ادائيگي ۾ سهولت لاءِ آءِ ايم ايف کي تجويز پيش ڪئي آهي، جنهن ۾ هر صارف کي قسطن ۾ بجلي جا بل ادا ڪرڻ جي سهولت پڻ ڏني وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ناڻي واري وزارت طرفان 400 يونٽ بجلي جي صارفين لاءِ رليف پلان تيار ڪيو ويو آهي، جيڪڏهن آءِ ايم ايف راضي ٿي ويو ته 2 مهينن لاءِ معاهدو ٿي سگهي ٿو.ذريعن موجب ناڻي واري وزارت آگسٽ ۽ سيپٽمبر لاءِ قسطن ۾ بل وٺڻ جي تحريري گارنٽي ڏيندو ۽ بنيادي ٽيرف ۾ 7 رپيا واڌ واپس وٺڻ تي غور ڪيو پيو وڃي ۽ ان کي مرحليوار ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي. بجلي جي بنيادي يونٽن کي مرحليوار وڌايو وڃي.ان کان علاوه بجلي چوري کي روڪڻ لاءِ ايڪشن پلان پڻ تيار ڪيو پيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو