اوٻاوڙو(رپورٽ غلام علي رند)اوٻاوڙو ڪورٽ ۾ حاضري تي آيل ملڪ برادري جي 4 ڄڻن کي پنجاب پوليس صادق آباد ايس ايڇ او يونس عباسي پنهنجي ٽيم سان گڏ کنڀڻ بعد ٻيهر واپس ٿي بقايا ملڪ برادري جي ماڻهن کي کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي ته بروقت ڪاروائي ڪندي اوٻاوڙو پوليس ۽ شهرين سرڪاري پوليس موبائل سميت ايس ايڇ او يونس عباسي سميت سڄي ٽيم کي سوگهو ڪري ورتو اوٻاوڙو پوليس ٻڌايو ته بنا ڪنهن وارنٽ جي سنڌ ۾ داخل ٿي حاضري تي آيل ملڪ برادري جي ماڻهن کي کنڀڻ جي ڏوھ ۾ اوٻاوڙو پوليس ۽ شهرين پنجاب پوليس کي سوگهو ڪري ورتو۔ جنهن بعد ايس ايس پي رحيميار جو ايس ايس پي گهوٽڪي سان رابطو ڪري پنجاب پوليس طرفان گرفتار کنڀي گم ڪيل جوابدار آزاد ڪرڻ بعد پنجاب پوليس جا اهلڪار به آزاد ڪيا ويا










