300 يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙ واهپيدارن لاءِ وڏي رليف جو اعلان

300 يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙ واهپيدارن لاءِ وڏي رليف جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت زرعي ٽيوب ويل واهپيدارن ۽ 300 يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙ واهپيدارن لاءِ وڏي رليف جو اعلان ڪري ڇڏيو. پاور ڊويزن موجب، 300 يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙ واهپيدارن ۽ زرعي ٽيوب ويلز لاءِ ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ مد ۾ رعايت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته جون 2015 کان 300 يونٽ تائين بجلي واهپيدارن لاءِ فيول ايڊجسٽمينٽ ۾ رعايت روڪي وئي هئي، جڏهن ته زرعي ٽيوب ويلز لاءِ اها رعايت ڊسمبر 2010 ۾ ختم ڪئي وئي هئي. پاور ڊويزن جو چوڻ آهي ته نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) کي ٻنهي درجن جي واهپيدارن لاءِ فيول ايڊجسٽمينٽ ۾ لاٿ جو فائدو ڏيڻ بابت خط موڪليو ويو آهي. انهيءَ فيصلي سان زرعي ٽيوب ويل مالڪن ۽ 300 يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙ واهپيدارن جي ماهوار بلن ۾ وڌيڪ گهٽتائي ايندي.

پهنجو تبصرو موڪليو