گوادر ۾ ڪارروائي، فتنه الهندستان جا 3 دهشتگرد مارجي ويا

گوادر ۾ ڪارروائي، فتنه الهندستان جا 3 دهشتگرد مارجي ويا

گوادر (مانيٽرنگ ڊيسڪ)بلوچستان جي ساحلي شهر گوادر ۾ سيڪيورٽي فورسز ڪارروائي ڪندي تعميراتي ڪمپنيءَ جي خالي ڪيمپ تي حملي جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي، جڏهن ته سيڪيورٽي ذريعن موجب فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ فتنۃ الہندوستان سان لاڳاپيل 3 مبينا دهشتگرد مارجي ويا. سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته فورسز بروقت ڪارروائي ڪري حملي جي ڪوشش ناڪام بڻائي، جڏهن ته وڌيڪ 3 مبينا دهشتگردن کي گهيري ۾ ورتو ويو آهي. ٻئي طرف گوادر شاهراهه ڀرسان هڪ هوٽل ۾ دهشتگردن جي موجودگيءَ جي اطلاع تي به آپريشن جاري آهي، جتي ذريعن موجب 4 شڪي دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز جي گهيري هيٺ آهن. ذريعن موجب گوادر جو جنرل آفيسر ڪمانڊنگ (جي او سي) پاڻ آپريشن جي اڳواڻي ڪري رهيو آهي. سيڪيورٽي ڪارروائين بابت وڌيڪ تفصيل ۽ آپريشن جي حتمي نتيجن جو انتظار آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو