اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان 27 هين آئيني ترميم تي انساني حقن جي هاءِ ڪمشنر جي بيان کي رد ڪري ڇڏيو آهي.پرڏيهي آفيس جو چوڻ آهي ته پاڪستاني پارليامينٽ پاران منظور ڪيل 27 هين آئيني ترميم تي گڏيل قومن جي غير ضروري ڳڻتي سمجهه کان ٻاهر آهي.پاڪستان جي پرڏيهي آفيس چيو ته آئيني ترميمون عوام جي چونڊيل نمائندن جو واحد استحقاق آهن، جمهوري طريقيڪار جو احترام ڪيو وڃي، پاڪستان انساني حقن، انساني وقار، بنيادي آزادين ۽ قانون جي حڪمراني جي حفاظت لاءِ پرعزم آهي.پرڏيهي آفيس جي بيان ۾ افسوس جو اظهار ڪيو ويو ته پاڪستان جي موقف ۽ زميني حقيقتن کي گڏيل قومن جي بيان ۾ شامل نه ڪيو ويو، ۽ گڏيل قومن جي هاءِ ڪمشنر کي خودمختيار فيصلن جو احترام ڪرڻ گهرجي ۽ سياسي تعصب ۽ غلط معلومات جي بنياد تي تبصرن کان پاسو ڪرڻ گهرجي.










