وفاقي ڪابينه 27هين آئيني ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي

وفاقي ڪابينه 27هين آئيني ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ ) وفاقي ڪابينه 27هين آئيني ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينه جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ 27هين ترميم تي ڪابينه کي بريفنگ ڏني. وزيراعظم شهباز شريف آذربائيجان جي شهر باڪو مان وڊيو لنڪ ذريعي وفاقي ڪابينه اجلاس جي صدارت ڪئي.وفاقي ڪابينه 27هين آئيني ترميم جي مسودي جي منظوري ڏئي ڇڏي ۽ انهي جي ڀرپور آجيان ڪئي وئي. وزيراعظم اجلاس ۾ ڪابينه ميمبرن جي آجيان ڪئي وئي ۽ اتحادي پارٽين جو به ٿورو ادا ڪيو.ڪابينه جي منظوري کان پوءِ وزيراعظم جي هدايت تي قانون ۽ انصاف واري وزير ميڊيا کي ترميم بابت بريفنگ ڏني. ڪابينه جي منظوري کان پوءِ ترميم جي مسودي کي پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو ويندو.وزيراعظم چيو ته وفاق جي صوبن سان گڏ رشتي جي مضبوطي ۽ ملڪ جي وسيع مفاد ۾ 27هين آئيني ترميم لاءِ سڀني گڏجي ڪوشش ڪئي. جنهن لاءِ قانون ۽ انصاف واري وزارت، اٽارني جنرل ۽ انهي جي ٽيم تعريف جوڳي آهي. 27هين آئيني ترميم تي پنهنجي اڳواڻ ميان محمد نوازشريف کي اعتماد ۾ ورتو ويو ۽ انهي کان هن ترميم تي رهنمائي حاصل ڪئي جنهن تي انهي جو به ٿورائتو آهيان.شهباز شريف چيو ته صدر آصف علي زرداري کي به ترميم جي حوالي سان ڀروسي ۾ ورتو ۽ انهي جي رضامندي تي انهي جو به ٿورائتو آهيان سمورن اتحادي پارٽين جي سربراهن خاص طور تي بلاول ڀٽو زرداري، ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، عبدالعليم خان، خالد حسين مگسي، ۽ چوڌري سالڪ حسين جو ٿورائتو آهيان جن سان اسان جي پارٽين جي وفدن سان گڏ مون پاڻ مشاورت ڪئي ۽ انهن هن مسودي جي ڀرپور حمايت ڪئي. هن چيو ته ايمل ولي خان، اعجازالحق ۽ ٻين سياسي اڳواڻن سان به مشاورت ڪئي ۽ انهن کي آئيني ترميم جي حوالي سان اعتماد ۾ ورتو. الله جي فضل وڪرم سان ملڪ ۾ سياسي، معاشي استحڪام جي بدولت ملڪ ترقي جي رستي تي گامزن آهي، ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو