اسلام آباد: (بيورو رپورٽ)سينيٽ مان منظوري بعد قومي اسمبلي به 59 شقن واري 27 هين آئيني ترميم جو بل منظور ڪري ڇڏيو آهي. ان کان اڳ بل جي شق وار منظوري مڪمل ڪئي وئي ۽ بعد ميمبرن کي حمايت ۽ مخالفت ڪندڙ لابين ۾ وڃڻ لاءِ چيو ويو. آخر ۾ اسپيڪر ووٽنگ جي نتيجن جو اعلان ڪيو ته بل جي حمايت ۾ 234 ووٽ ۽ مخالفت ۾ 4 ووٽ آيا. ان کان اڳ قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ قومي اسيمبلي ۾ 27 هين آئيني ترميم جي تحريڪ جي شق وار منظوري لاءِ رٿون پيش ڪيون. اجلاس ۾ ميان نواز شريف، وزيراعظم شهباز شريف، بلاول ڀٽو به موجود آهن. جيئن ئي ايوان ۾ وزيراعظم ۽ بلاول داخل ٿيا ته اپووزيشن جي ميمبرن نعريبازي شروع ڪئي ۽ اسپيڪر جي ڊائيس آڏو جمع ٿيا. قانون واري وزير جيئن ئي ترير شروع ڪئي ته پي ٽي آءِ وارن نا منظور جا نعرا هڻندي واڪ آئوٽ ڪيو. تارڙ وضاحت ڪئي ته ڪجهه ڌرين شڪ ظاهر ڪيو آهي ته هن ترميم جي منظوري بعد يحيٰ آفريدي سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس نه رهندو، مان واضح ٿو ڪريان ته اهو تاثر غلط آهي، هو بدستور چيف جسٽس رهندو. هن وڌيڪ چيو ته 18 هين ترميم بعد سپريم ڪورٽ يا ڪا به هاءِ ڪورٽ يا آئيني ڪورٽ آئين جي معطلي واري ڪنهن آمر جي فيصلي جي توثيق نه ڪري سگهنديون ۽ خلاف ورزي ڪندڙن تي آرٽيڪل 6 لاڳو ٿيندو. قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ جاري آهي، تارڙ چيو ته 27 هين آئيني ترميم جا تفصيل سينيٽ ۾ پيش ڪيا ويا آهن، ۽ قانون ۽ آئين ۾ ترميم هڪ ارتقائي عمل آهي. جنهن بعد 27 هين آئيني ترميم تي شق وار ووٽنگ جو عمل شروع ٿيو. 231 ميمبرن ترميم جي حق ۾ ووٽ ڏنو جڏهن ته 4 ووٽ مخالفت ۾ ڏنا ويا.جمعيت علماءِ اسلام مخالفت ۾ ووٽ ڏنو، حڪومتي بينچن تي 233 ميمبر آهن ۽ حڪومت کي ترميم لاءِ 224 ميمبرن جي حمايت جي ضرورت آهي.قومي اسيمبلي مان آئيني ترميم منظور ڪرائڻ لاءِ حڪومت جي پوزيشن مضبوط آهي. محمود خان اچڪزئي ستاويهين آئيني ترميم واري بل جي ڪاپي ڦاڙي ڇڏي. 27هين آئيني ترميم جي منظوري لاءِ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ جڏهن محمود خان اچڪزئي خيالن جو اظهار لاءِ اُٿي بيٺو ته هن 27هين ترميم جي بل جي ڪاپي ڦاڙي ڇڏي. محمود خان اچڪزئي چيو ته هي حڪومت فارم 47 تي قائم ڪئي وئي آهي، هاڻي اِهو ٻڌايو ته اهڙي پارليامينٽ کي آئين ۾ ترميم جو اختيار ڏئي سگهجي ٿو؟ٻئي پاسي ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ جي چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو ته اسان ترميمن جو حصو نه بڻجنداسين، واڪ آئوٽ ۽ احتجاج به ڪنداسين جڏهن ته تقريرون به ڪنداسين.
مشهور خبرون










