27هين ترميم ملڪي بنياد ڌوڏي ڇڏيندي، اپوزيشن جي مخالفت

27هين ترميم ملڪي بنياد ڌوڏي ڇڏيندي، اپوزيشن جي مخالفت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اپوزيشن اتحاد تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان واضح ڪيو آهي ته 27هين آئيني ترميم ڪنهن به صورت ۾ منظور ٿيڻ نه ڏينداسين، ڇو ته ان جا اثر ملڪ جي آئيني ۽ سياسي بنيادن لاءِ خطرناڪ هوندا ۽ ملڪ جا بنياد لُڏي ويندا.اسلام آباد ۾ تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي صدر محمود خان اچڪزئي جي قيادت ۾ هنگامي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده سياسي صورتحال تي غور ڪيو ويو. اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر چيو ته اجلاس طلب ڪرڻ جو مقصد ملڪ ۾ آئيني ۽ سياسي خدشن کي اجاڳر ڪرڻ هو، 27هين آئيني ترميم ذريعي هڪ پينڊورا باڪس کوليو ويو آهي ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي تازي ٽوئيٽ سان ڳڻتي ۾ واڌ ٿي آهي، پ پ جو ڪردار رڳو ڏيکاءَ لاءِ آهي، جڏهن ته فيصلو اڳ کان طئي ٿيل آهي. هن پ پ قيادت تي تنقيد ڪندي چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو آئين جو بنياد رکيو ۽ بينظير ڀٽو جمهوريت لاءِ قربانيون ڏنيون پر اڄ پ پ جمهوريت کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. ان موقعي تي مصطفيٰ نواز کوکر چيو ته ملڪ ۾ ڏاڍ جو نظام لاڳو ٿي چڪو آهي ۽ شهرين کي آئيني حق نه پيا ملن، تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان ان ترميم کي منظور ٿيڻ نه ڏيندي ۽ ميڊيا، سول سوسائٽي ۽ ٻين تنظيمن سان گڏجي ان خلاف عوامي آگاهي مهم هلائي ويندي. اڳوڻي گورنر محمد زبير، نواز شريف کي درخواست ڪئي ته هو 26هين ۽ 27هين آئيني ترميمن تي موقف واضح ڪري ۽ پنهنجي ويجهن حلقن کي اهڙن قدمن کان روڪي.

پهنجو تبصرو موڪليو