اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) 27هين آئيني ترميم جو مسودو سينيٽ ۾ پيش ڪيو ويو، انهي دوران ايوان ۾ اپوزيشن ميمبرن طرفان احتجاج سان گڏوگڏ گوڙ به ڪيو ويو.رپورٽ موجب سينيٽ جو اجلاس ڏيڍ ڪلاڪ جي دير سان چيئرمين يوسف رضا گيلاني جي صدارت ۾ شروع ٿيو جنهن ۾ وفاقي قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ 27هين آئيني ترميم جو مجوزه مسودو ايوان ۾ پيش ڪيو.وفاقي وزير قانون چيو ته گذريل ڪيترن ڏينهن کان 27هين آئيني ترميم جي حوالي سان ڳالهيون ٿي رهيون آهي، اڄ وفاقي ڪابينه 27هين آئيني ترميم جي مسودي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، هڻ گڏيل پارلياماني ڪميٽي ۾ سمورين پارٽين کي گهرايو ويندو.هن چيو ته سمورين سياسي پارٽين سان مشاورت کان پوءِ آئيني ترميم جو مسودو سامهون آيو آهي جنهن ۾ هاءِ ڪورٽ جي ججز جي بدلين جو اختيار جوڊيشل ڪميشن کي ڏيڻ جي تجويز ڏني پئي وڃي. اهڙي طرح صوبائي ڪابينه ۾ اضافي جي تجويز به شامل آهي. هن ٻڌايو ته بل کي منظور يا رد ڪرڻ جو اختيار هن ايوان وٽ آهي. سروسز جي باري ۾ احتياط سان ڳالهائڻ جي ضرورت آهي.قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته چيئمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جو عهدو تحليل ڪيو ويندو چيف آف آرمي اسٽاف جون خدمتون تازوٿيل جنگ ۾ نه وسارڻ جوڳيون آهن. قوم آرمي چيف کي فيلڊ مارشل جي رينڪ سان نوازيو. فيلڊ مارشل، مارشل آف دي ايئر فورس، فليٽ مارشل جي عهدي کي تاحيات ڪيو ويندو. اهڙن اعزازي عهدن کي ختم ڪرڻ جو اختيار پارليامينٽ کي ڏنو پيو وڃي.هن ٻڌايو ته آرمي چيف ئي چيف آف ڊفينس فورسز هوندو. 27 نومبر کان چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جو عهدو ختم ٿي ويندو. وزيراعظم چيف آف آرمي اسٽاف جي مشاورت سان چيف آف نيشنل ڪمانڊ مقرر ٿيندو. فيلڊ مارشل جو عهدو واپس وٺڻ جو اختيار پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس وٽ هوندو. صدارتي مواخذي جيان فيلڊ مارشل جو عهدو به واپس وٺي سگهجي ٿو.جنهن کان پوءِ سينيٽ آئيني ترميم جو بل گڏيل ڪميٽي ڏانهن اماڻي ڇڏيو. انهي سلسلي ۾ سينيٽ قانون ۽ انصاف واري اسٽينڊنگ ڪميٽي ۽ قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ميمبرن کي دعوت ڏني ويندي، گڏيل ڪميٽي جي صدارت ٻنهي اسٽينڊنگ ڪميٽي جا چيئرمين گڏيل طور تي ئي ڪندا. اجلاس دوران پي ٽي آءِ جي سينيٽر علي ظفر خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته سموري ايوان کي ڪميٽي جي شڪل ڏني وڃي، 27هين آئيني ترميم جو مسودو اڃان تائين اسان پڙهيو ناهي، اپوزيشن کي ڀت سان نه لڳايو وڃي.سينيٽر علامه راجا ناصر عباس چيو ته اها ترميم اتفاق راءِ کان سواءِ ايوان ۾ پيش ڪئي پئي وڃي. اسان انهي ترميم کان پوءِ پاڪستان جي ماڻهن کي ڪيئن گڏ رکنداسين. علامه راجا ناصر عباس خيالن جو اطهار ڪندي چيو ته آئين ۾ جوائنٽ چيفس آف اسٽاف کي انهي لاءِ رکيو ويو ڇو ته سموري دنيا ۾ اهو عهدو موجود آهي. اسان وٽ آرمي چيف کي طاقتور بنايو ويو.هن چيو ته اسان وٽ سمورا ادارا مفلوج ٿي چڪا آهن، اسان کي زبردستي ويهاريو ويندو آهي ۽ 2 ڏينهن جو وقت ڏنو ويندو آهي. اهڙي طرح قانونسازي ڪنداسين ته آئين تڪراري هوندو. اسان کان اهي ترميمون ڇو لڪايون ويون، پاڪستان ۾ طاقتور کي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ سخت قانون هجڻ گهرجن. اسان کي ترميم جي ذريعي فرعون نه ٺاهڻ گهرجن، اسان اهڙين ترميمن ۽ طريقيڪار کي نٿا مڃون. اوهان اتفاق راءِ پيدا ڪريو ۽ ترميمون آڻيو.سينيٽ اجلاس ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته قائمه ڪميٽي ۾ مفصل بحث ڪري سگهبي. مخالف ڌر جي اڳواڻ جي مقرري جو سينيٽ چيئرمين کي اختيار آهي. هن چيو ته جناب چيئرمين صاحب اوهان جو استحقاق آهي، اوهان مقرر ڪريو. اجلاس جي دوران اپوزيشن طرفان گوڙ به جاري رهيو. جنهن کان پوءِ سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي گڏيل قانون ۽ انصاف ڪميٽي جو اجلاس طلب ڪيو ويو جنهن جي صدارت قومي اسيمبيلي ۽ سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽين جا چيئرمين گڏيل طور تي ڪندا. قومي اسيمبلي جي قانون، انصاف جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جو چيئرمين محمد بشير ورڪ آهي جڏهن ته سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جو سربراهه فاروق ايڇ نائيڪ آهي.










