ڪراچي)اسٽاف رپورٽر) حڪومت 252 ارب رپين جا پاڪستان انويسٽمينٽ بانڊ نيلام ڪري ڇڏيا.اسٽيٽ بئنڪ موجب حڪومت 252 ارب رپين جي پي آءِ بي جي نيلامي ڪئي آهي، جنهن ۾ 3، 5 ۽ 10 سالن جي ڪاغذن جي وڪرو به شامل آهي.اسٽيٽ بئنڪ جو چوڻ آهي ته حڪومت ٽن سالن ۾ 139 ارب رپين جا پي آءِ بي وڪرو ڪيا، ٽن سالن جي پي آءِ بيز جي ڪٽ آف يلڊ 180 بيسس پوائنٽس جي گهٽتائي سان 17.39 سيڪڙو ٿي وئي.اسٽيٽ بئنڪ موجب نيلامي ۾ 5 سالن جي پي آءِ بيز جا 46 ارب رپيا وڪرو ٿيا، 5 سالن جي پي آءِ بيز جي ڪٽ آف يلڊ 100 بيسس پوائنٽس جي گهٽتائي سان 15.95 سيڪڙو ٿي وئي.ان کان علاوه حڪومت 10 سالن جي پي آءِ بي کي 66 ارب رپين جا وڪرو ڪيا آهن.10 سالن جي پي آءِ بيز جي ڪٽ آف يلڊ 15 بيسس پوائنٽس کان گهٽجي 15.1 سيڪڙو ٿي وئي جڏهن ته 15-، 20- ۽ 30-سالن جي بانڊن لاءِ ڪو به بول موصول نه ٿيو.










