21 آگسٽ تائين پرويز الاهي جي درخواستن تي فيصلو ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ لاهور هاءِ ڪورٽ کي پرويز الاهي جي درخواستن تي 21 آگسٽ تي فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس اعجاز الاحسن جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ عدالت لاهور هاءِ ڪورٽ کي پرويز الاهي جي درخواستن تي 21 آگسٽ تي فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏنو.عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو ته جيڪڏهن هاءِ ڪورٽ 21 آگسٽ تي فيصلو نه ڏنو ته گرفتاري جو عبوري حڪم معطل ڪيو ويندو.بعد ۾ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو