دبئي (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم سڀاڻي دبئي جي آءِ سي سي اڪيڊمي ۾ آءِ سي سي وومينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ مشق ڪندي.پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم پهرين وارم اپ ميچ سڀاڻي اسڪاٽ لينڊ خلاف کيڏندي جڏهن ته ٻي وارم اپ ميچ 30 سيپٽمبر تي بنگلاديش خلاف کيڏي ويندي.اڳوڻي ڪپتان ۽ ستين ورلڊ ڪپ جي رانديگرياڻي ندا ڊار چيو آهي ته آءِ سي سي وومينز ورلڊ ڪپ جي ڀرپور تياري ڪئي وئي آهي، ملتان ۾ ڏکڻ آفريڪا خلاف سيريز ميگا ايونٽ جي تيارين جو موقعو ڏنو.ندا ڊار چيو آهي ته گڏيل عرب امارتن ۾ گرمي آهي جيڪا پاڪستان جي حالت مطابق آهي، هتي جون وڪيٽون اسپنرز جي مدد ڪنديون، ٽيم ورلڊ ڪپ ۾ سٺا نتيجا ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي.هن چيو ته اسان وٽ سعديه اقبال، نشرح سنڌو جهڙا سٺا اسپنر آهن ۽ مان پاڻ به اسپن بالنگ آل رائونڊر آهيان، ورلڊ ڪپ کان اڳ وارم اپ ميچون به تياري ۾ مددگار ثابت ٿينديون.










