2 ارب ڊالر قرض رول اوور ڪريو،پاڪستان جي يو اي اي کي درخواست

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان گڏيل عرب امارتن کي 2 ارب ڊالر قرض رول اوور ڪرڻ جي درخواست ڪري ڇڏي. ذريعن موجب نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ 2 ارب ڊالر قرض رول اوور ڪرڻ لاءِ گڏيل عرب امارتن جي صدر کي خط لکيو آهي. ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته يو اي اي کان 2 ارب ڊالرن جو قرض جنوري ۾ ميچور ٿي رهيو هو، يو اي اي طرفان مجموعي طور تي 3 ارب ڊالر اسٽيٽ بئنڪ ۾ رکرايا ويا آهن.هڪ ارب ڊالر 17 جنوري ۽ هڪ ارب ڊالر 23 جنوري تي ميچور ٿي رهيا آهن، هڪ ارب ڊالر تي 3 سيڪڙو ۽ هڪ ارب ڊالر تي 6.5 سيڪڙو جي شرح لاڳو آهي. ذريعن موجب يو اي اي طرفان 2 ارب ڊالرن جو ڊپازٽ جلد رول اوور ڪرڻ جو امڪان آهي، وزيراعظم آفيس ۽ ناڻي واري وزارت جي ڳالهه ٻولهه جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو