اسلام آباد (بيورو رپورٽ) 190 ملين پائونڊ ڪرپشن ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ بشرا بي بي جي بريت واري درخواست رد ڪرڻ واري فيصلي کي چئلينج ڪيو هو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ جي باني ۽ بشرا بي بي جي بريت واري درخواست رد ڪرڻ خلاف اپيل داخل ڪئي وئي.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته بريت ميرٽ جي بنياد تي ڪئي وئي جيڪا احتساب عدالت نه ڏني، اهڙو ڪو به ثبوت ۽ مواد ناهي جنهن جي بنياد تي سزا ٻڌائي سگهجي، عدالت جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته پي ٽي آءِ باني ۽ بشرا بي بي کي 190 ملين پائونڊ ريفرنس ۾ بري ڪيو وڃي.پي ٽي آءِ جي باني ۽ بشرا بي بي به 190 ملين پائونڊ ڪيس جي ٽرائل روڪڻ جي درخواست ڪئي آهي.










